دنيا جي حقيقت

دنيا جي حقيقت

دنيا جي حقيقت

دنيا جي حقيقت

دنيا جي حقيقت

دنيا جي حقيقت (جلد ٻيو: ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ليکڪ قاضي محمد شوڪت علي قريشي هالائيءَ، عربي عالمن جي ڪتابن مان چونڊ مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڇپرايو آهي. ڪتاب جو هيءُ ٻيو جلد آهي، جنهن جي پهرئين باب ۾ عربيءَ جي مشهور عالم ۽ مصنف ابوبڪر عمرو بن ابي عاصم الشيبانيءَ جي ڪتاب ’زهد و تقويٰ‘ مان چونڊ مضمون ’دنيا جي حقيقت‘ نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي مشهور مصنف ۽ عالم ’ابن ابي الدنياءَ‘ جي ڪتاب ’توڪل اعتماد‘ ۽ ’تواضح ۽ گوشه نشيني‘ مان به چونڊ مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ٻئي باب ۾ دنيا متعلق آيتن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه اهم قطا بيان ٿيل آهن. ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري باب ۾ اهم آيتن ۽ حديثن کي ترجمي سان گڏ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ مترجم قاضي محمد شوڪت علي قريشي هالائيءَ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سال 2004ع ۾ اداره ڪتب خانه قاضي غلام محمد قريشيرح هالا پراڻا مان ڇپجي پڌرو ٿيو. رنگين ٽائيٽل ۽ ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 72 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ڪا به قيمت نه ڄاڻايل آهي.


لفظ دنيا جي حقيقتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو